عدالت ۾ اُن ڪري وڃي رهيا آهن جو مولانا فضل الرحمان ماڻهن کي غلط ڪم لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي. هي هڪ بغاوت آهي، سومر تائين ڪيس تيار ٿي ويندو: پرويز خٽڪ
حڪومت کليل دل سان مولانا کي اسلام آباد اچڻ ڏنو، جيڪڏهن هو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته پوءِ هو زبان جو ڪچو آهي. جيڪڏهن هو معاهدي تي قائم نه ٿا رهن ته پوءِ يقينن ايڪشن ورتو ويندو
آزادي مارچ جا شريڪ جيستائين چاهن ويٺا رهن پر انهن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جو بيان مذمت جوڳو آهي: ڪور ڪميٽي
گذريل ڏينهن فضل الرحمان وزيراعظم کي استعيفيٰ لاءِ مهلت ڏيندي، پنڊال طرف اشارو ڪندي چيو هو ته عوام جو هي سمنڊ طاقت رکي ٿو، وزيراعظم جي گهر وڃي ان کي گرفتار ڪري
اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن آزادي مارچ دوران پنهنجن مطالبن جي قائم رهڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته حڪومت رابطا ڪري رهي آهي پر پرويز خٽڪ چوي
ٿو ته وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڳالهيون ئي نه ٿينديون، جيڪڏهن پهرين مطالبي تي ڳالهيون نه ٿينديون ته پوءِ فائدو ڪهڙو. جي يو آءِ ف اڳواڻ اڪرم دُراني جي
رهائشگاهه تي اپوزيشن جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران صلاح مشورا ڪرڻ کانپوءِ گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي
اڪرم دُراني چيو ته رهبر ڪميٽي جي اجلاس دوران اتفاق ٿيو ته سموريون اپوزيشن جماعتون وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نين چونڊن واري مطالبي تي قائم آهن.
هُن چيو ته پرويز خٽڪ چئي رهيو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ ۽ نين چونڊن تي ڳالهيون نه ٿينديون، اپوزيشن جا پهريان مطالبا ئي اهي آهن ته پوءِ رابطن
جو ڪهڙو فائدو، حڪومتي ڪميٽي جا ميمبرز رابطا ڪري رهيا آهن. تحريڪ ۾ غور هيٺ نون آپشنز جو اعلان رهبر ڪميٽي جي سربراهه اڪرم دُراني چيو آهي ته
اجلاس دوران ملڪير گير شٽربند هڙٽال، هاءِ ويز بند ڪرڻ ۽ ضلعي سطح تي احتجاج وارن آپشنز تي به غور ڪيو ويو، ايندڙ مرحلي ۾ اپوزيشن جي اجتماعي
استعيفائن وارو آپشن به غور هيٺ آهي. ڪميٽي جا ميمبرز پنهنجي قيادت آڏو تجويزون پيش ڪندا. وفاقي سرڪار وزيراعظم جي گرفتاري واري ڳالهه تي مولانا
فضل الرحمان خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جي ڳالهه ڪي،
اُن تي حڪومت جي ڪور ڪميٽي سندس خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته هو عدالت ۾ اُن ڪري وڃي
رهيا آهن جو مولانا فضل الرحمان ماڻهن کي غلط ڪم لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي. هي هڪ بغاوت آهي، سومر تائين ڪيس تيار ٿي ويندو. اُهي ماڻهن کي اشتعال
ڏياري رهيا آهن، ڪور ڪميٽي عدالت سان رابطو ڪندي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون فرودس عاشق اعواڻ ادارن خلاف ڳالهيون ڪرڻ آئين سان بغاوت آهي.
No comments:
Post a Comment